مير ابوالمڪارم بکري سبزواري

مير ابوالمڪارم بکري سبزواري : مير ابوالمڪارم بکري، سلطان محمود خان جي اميرن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ مستقل سيوستان (سيوهڻ) ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهن کانپوءِ هي پاڻ کي مير ابوالمڪارم سيوستاني سڏرائڻ لڳو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ ’تحفة الڪرام‘ ۾ هن بابت لکيو آهي ته، ”مير ابوالمڪارم سبزواري پهرين ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون جي اميرن ۾ شامل هو ۽ ان جي وفات کانپوءِ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي اميرن ۾ داخل ٿيو. سلطان محمود خان، ’مير ابوالمڪارم‘ کي ايران جي بادشاهه اسماعيل شاهه صفويءَ ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو، جتي هن مقدس مقامات جي زيارت ڪئي ۽ اتان قسمين قسمين جا تحفا ۽ ’سلطاني‘ لقب ماڻي واپس سنڌ آيو. نيڪ صفت انسان هو ۽ شاعريءَ ۾ به گهڻي مهارت حاصل هئس.“ سندس اولاد مان مير عبدالله عريضي، ميرزا غازي بيگ جو خاص مصاحب هو ۽ سندس پڙپوٽي مير ابوالبقا بهرور عليءَ هڪ مستند تاريخ ’چراغ هدايت‘ لکي، جيڪا شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو سڀ کان آڳاٽو ماخذ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو